اختر حفيظ

اختر حفيظ

اختر حفيظ

اختر حفيظ: ليکڪ ۽ صحافي اختر حسين ڪنڀر جو جنم 17 آگسٽ 1981ع تي، ڳوٺ حاجي عرس ڪالرو، تعلقي ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ مشھور ليکڪ، صحافي ۽ ڊراما نويس حفيظ ڪنڀر جي گهر ۾ ٿيو. ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ ’اختر حفيظ‘ جي نالي سان آهي. پرائمري، مئٽرڪ (1997ع) ۽ انٽر (1999ع) ڪوٽ غلام محمد مان حاصل ڪئي. جڏهن ته بي. اي (2003ع)، ايم اي (سماجيات، 2009ع)، ايم اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيون. اختر حفيظ لکڻ جي شروعات 1992ع ۾ ڪئي. هن مختلف رسالن، اخبارن ۽ چئنلن ۾ ڪم ڪيو جن ۾: ’گُل ڦُل‘، ’ارچڪ مرچڪ‘، ’سنڌ رنگ‘، ’هزار داستان‘، ’عبرت مئگزين‘، ’مھراڻ‘، ’پرهه‘، ’عوامي آواز‘، ’جاڳو‘، ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘، ’گلستان‘، ’همسري‘، ’سنڌيا‘، ’تحريڪ‘، ’سنڌ ايڪسپريس‘، ’ڪاوش‘، ’ڊان‘، ’فرائڊي ٽائمز’، ’دي نيوز‘، ’بي بي سي اردو‘، ’دي ٿرڊ پول‘ ۽ ’برسات‘ وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي تاريخي ماڳن تي بلاگ ۽ سنڌي ڊراما لکيل اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوچي منھه: آزاد ويٽنام جو باني“ (سوانح حيات ترجمو: 2011ع)، ”جڏهن تون کلين ٿي“ (شاعري: 2011ع)، ”برسات کانپوءِ“ (ڪھاڻيون: 2012ع)، ”ادب ۽ سماج“ (2017ع)، ”ٽيھه منٽ“ (ڪھاڻيون: 2018ع)، ”ڪووڊ-19“ (ناول: 2021ع)، ”روءُ نه ٻچڙا“ (ناول، ترجمو: 2021ع)،”ٻي عالمي جنگ جي مختصر ڪھاڻي“ (2021ع)، ”درياهه وارو ديس“ (ناول، ترجمو: 2022ع) ۽ ”ڪيفي ادب“ (ناول: 2023ع) شامل آهن. 2015ع ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران بھترين ڪھاڻيڪار جو اوارڊ حاصل ڪيو، 2023ع ۾ انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊر شپ پروگرام هيٺ، صحافي جي حيثيت ۾ آمريڪا جا مختلف ادارا گهمي چڪو آهي. آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن پاران فيلوشپ سرٽيفڪيٽ به مليا. هن وقت بطور صحافي ”سنڌ ايڪسپريس“ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ اختر حفيظھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.08.17  عيسوي

: ليکڪ ۽ صحافي اختر حسين ڪنڀر جو جنم 17 آگسٽ 1981ع تي، ڳوٺ حاجي عرس ڪالرو، تعلقي ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ مشھور ليکڪ، صحافي ۽ ڊراما نويس حفيظ ڪنڀر جي گهر ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروانو ڀٽي
نياز پنهور
جعفر ميمڻ
شبير تابش
صلاح الدين مولانا
اختر بلوچ 2
ڏيپلائي محمد عثمان
جان محمد مھر
شيرين زئور
ارشد شريف
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون